مولانا عبدالواحد سنڌي

مولانا عبدالواحد سنڌي

عبدالواحد سنڌي مولانا

عبدالواحد سنڌي، مولانا: نامور عالم، ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي ولد عبدالوارث انڍڙ، 1912ع ۾ ڳوٺ ڀليڏني، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم هاليجي ۽ گهوٽڪي جي مدرسن مان حاصل ڪئي. جنهن بعد مولانا دين محمد وفائيءَ جي مدد سان سر عبدالله هارون کان اسڪالرشپ حاصل ڪري ڊسمبر 1922ع ۾ جامع مليه دهليءَ م داخل ٿيو. اتي مولانا صاحب جا استاد، مولانا محمد علي جوهر، ڊاڪٽر محمد علي بجنوري، خواجه عبدالحئي ۽ فراهي اعظم هئا. جن جي صحبت ۾ رهي هن گهڻو ڪجهه پرايو. جڏهن تعليم پوري ڪيائين ته پاڻ اتي بورڊنگ هائوس جو هر منزل جو انچارج مقرر ٿيو، جنهن دوران هن ٻارن لاءِ صفائي، رهائش، راند روند ۽ کاڌ خوراڪ جو سٺي نموني بندوبست ڪيو. ان ڪري انتظاميا کانئس راضي هئي. هن اتي 1928ع ۾ مولانا انور علي شاهه قبائلي جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي. مولانا عبدالواحد جڏهن الجامع ۾ پڙهندو هو ته ان دور ۾ انگريز پادري، حڪومت جي اشاري تي مسلمانن ۽ ٻين ننڍين قومن کي عيسائي ڪري رهيا هئا. خاص ڪري ضلعو فيروزپور عيسائيت جو ڳڙهه بڻجي چڪو هو. مولانا عبدالواحد واندڪائيءَ واري وقت ۾ اتي وڃي تبليغ ڪندو هو ۽ مناظرا به ڪندو هو. ان لاءِ هن ڪجهه اردو ۾ ڪتاب به لکيا، جن ۾ عيسائي پادرين کي سندن سوالن جا جواب ڏنل هئا. انهن ڪتابن ۾ ‘رسول پاڪ ڪون ٿي، ڪيسي ٿي، ڪيا سکايا’، ۽ ٻيو ڪتاب ‘قرآن پاڪ ڪيا هي اور اس ني ڪيا ڪر دکايا’ مشهور ڪتاب آهن. مولانا صاحب جا اهي ڪتاب مولوي عبدالواحد جامعي جي نالي سان آهن. هڪ دفعي سندس ملاقات مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان ٿي. جنهن کيس ٽوڪيندي چيو ته “مان سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيس. ڄام پور ۾ تعليم حاصل ڪيم ۽ ڀرچونڊي۾ وڃي مسلمان ٿيس، ته پاڻ کي سنڌي لکندو آهيان ۽ تون سڃاڻپ ڪارڊ تي به سنڌي لکندي شرم ٿو محسوس ڪرين.” ان واقعي کان پوءِ مولانا عبدالواحد پاڻ سنڌي لکڻ لڳو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مولانا صاحب مهاجرن سان گڏ سنڌ آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو.
1948ع ۾ پاڪستان جي آبادڪاريءَ جي وزارت پاران خبرن جي هڪ بليٽن اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيڻ لڳي، جنهن جي اشاعت جو مقصد نون ۽ پراڻن سنڌين ۾ ميل ميلاپ ۽ ڄاڻ سڃاڻ پيدا ڪرڻ هئي. هن بليٽن جو چيف ايڊيٽر فضل الحق قريشي ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي مقرر ٿيو. اڳتي هلي 1950ع ۾ ساڳئي بليٽن کي هڪ خالص عملي ۽ ادبي پرچي لاءِ وفاقي وزارت اطلاعات ۽ نشريات جي حوالي ڪيو ويو. جيڪو ‘نئين زندگي ’ جي نالي سان مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي ادارت هيٺ جاري ٿيو. مولانا عبدالواحد سنڌي هن رسالي کي اوج تي پهچايو ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن، شاعرن کي متعارف ڪرائڻ ۾ سندس ڪردار رهيو. هن 1950ع کان 1966ع تائين ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. هيءُ سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچيءَ جي اشاعتي سلسلي ۽ ان جي ماهوار رسالي ‘اديون’ ۾ مدد ڪندو رهيو. مولانا عبدالواحد سنڌيءَ، 3 جنوري 1988ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1988.01.03  عيسوي

نامور عالم، ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي ولد عبدالوارث انڍڙ، 1912ع ۾ ڳوٺ ڀليڏني، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو.3 جنوري 1988ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي بولو
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
احمد مولوي
عبدالقادر چاچڙ ڊاڪٽر
ابڙو اضعف ھالائي
ايل وي پرانچبي
ابو سعيد قاضي
عبدالرزاق قاضي ترائيءَ وارو مولوي
آخوند الله بخش ڀٽي سيتائي
شيخ عبدالقادر ڪدڪ
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون